فيصل آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به ??ساري نٿو سگهجي، ليفٽين??ٽ ڪرنل محمد علي شوڪت وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي پاسداري ڪندي پنهنجو اڄ اسان جي سڀاڻي تي قربان ڪيو، قوم کي پاڪ فوج جي قربانين تي فخر آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وز??رس??ان جي علائقي اسپن وام ۾ فتنه الخوارج جي خلاف وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽين??ٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جي فيصل آباد ۾ اباڻي گهر وڃي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ شهيد جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو بين ال??وب??ئي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر طلال چوڌري به ??زيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جا شهيد مون سميت سڄي قوم جو فخر آه??، پاڪ فوج جا شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آه??. ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون ڪڏهن به ??ساري نه ٿيون سگهجن. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي سدائين قرضي رهندي، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪيون آه??. ليفٽين??ٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمنن جو ڄمي مقابلو ڪيو. هن اسان جي سڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪيو. وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي هن پاسداري ڪئي. ليفٽين??ٽ ڪرنل محمد علي شوڪت 4 ۽ 5 آڪٽوبر جي وچ واري رات اتر وز??رس??ان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جي موقعي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو هو، ان سان گڏ پاڪ فوج جي 5 نوجوانن به شهادت ماڻي هئي. جڏهن ته 6 دهشتگرد جهنم واصل ٿيا.
دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن