رياض-29 جنوري (اي پي پي ) سعودي ??رب جي صحت واري وزارت خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي ٻين خوراڪ لڳرا??ڻ کان پوءِ 7 مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ، سعودي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب صحت واري وزارت ٽويٽر اڪائونٽ الصحه 937 تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي ٻين خوراڪ لڳرا??ڻ کان پوءِ ڪجهه هيٺيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون . وضاحتي بيان هڪ مقامي شهري جي پڇل سوال تي جاري ڪيو ويو آهي . شهري پچيو هو ته ويڪسين جي ٻين خوراڪ لڳرا??ڻ کان پوءِ هن جو گرمي پد وڌي ويو آهي ، چا طبعي ڳالهه آهي يا ڪجهه گڙٻڙ آهي ،صحت واري وزرت ڄاڻايل تفصيل ??يڻ کان پوءِ مقامي شهري کي مشورو ڏنو ته هو حسب ضرورت سور ختم ڪرڻ لاءِ ڪا گوري استعمال ڪري سگهي ٿو .واضع رهي ته بيمارين کان بچاءِ ۽ روڪ ٿام واري قومي مرڪز ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ پيش ايندڙ صحت جي مسئلن سان منهن ??يڻ جو طريقڪار جاري ڪيو آهي.
ويڪسين جي ٻين خوراڪ جا ناڪاري اثر ٿي سگهن ٿا: صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا