انقره – 29 فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ان جو ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي ڪندڙ طور ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. رشيا ٽو ڊي مطابق روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاو??وف جي ترڪي جي دوري ۽ انطاليا ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي هن چيو ته يوڪرين جنگ جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن رستي سان اع??يٰ ترين سطح تي سفارتي ذريعن جو استعمال تمام اهم آهي. البانيا ۾ يوڪرين- ڏکڻ اوڀر يورپ سربراهي اجلاس جي ويڊيو پيغام ۾ ترڪ صدر چيو ته روس ۽ يوڪرين کي هڪ ٻئي ويجهو آڻڻ ۽ پرامن ڳالهين جون ڪ??شش??ن ناڪافي آهن. هن يوڪرين جي آزادي، ??ودمختياري، ??لامتي ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءِ ڪيو ۽ چيو ته هو يوڪرين جي صدر جي 10 نڪاتي امن فارمولي جي اصولي طور تي حمايت ڪري ٿو.
ترڪ صدر جي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج