بنڪاڪ-22 مارچ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۽ سڄي دنيا جي ملڪن هانگ ڪانگ طرفان قومي سلامتي جي نئين قانون جي حتمي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب هانگ ڪانگ جي قانونساز ڪائونسل متفقه طور تي قومي سلامتي جو بل منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياستي رازن جي چوري، جاسوسي ۽ پرڏيهي مداخلت سميت، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪاررواين جي منع ڪندا. گڏيل قومن جي انسان?? حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس ??يو آهي ته قانون جي ڪجهه شقن ۾ جهول آهي ۽ اهي اختلاف راءِ جو اظهار ڪندڙن کا??سو??ءِ صحافين ۽ انسان?? حقن جي علمبردارن کي هروڀرو نشانو بڻائي سگهن ٿيون. آفيس ??يو ته ان طرح جي اهم قانون کي مڪمل غور ۽ فڪر لاءِ گهربل وقت ڏيڻ کا??سو??ءِ تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ هانگ ڪانگ ۾ انسان?? حقن جي تحفظ ڏانهن ناڪاري قدم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزارت ??يو ته هي قانون هانگ ڪانگ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز دٻائڻ جي ثقافت کي هٿي ڏيندو ۽ اظهار جي آزادي، ميڙاڪي ج?? حق ۽ ميڊيا جي آزادي تي جاري راتاهن جي عمل کي سگهه ڏيندو. وزارت هانگ ڪانگ جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو بنيادي انسان?? حقن ۽ آزادين جو احترام ڪن. يورپي يونين ??يو ته هي قانون هانگ ڪانگ ۾ يورپي يونين جي شهرين، تنظيمن ۽ ڪمپين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي جي نئين قانون تي عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis