واشنگٽن- 10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگري?? جي ٻن ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ??يڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سف??رتخاني طرفان جاري پريس رليز مطابق آ??ريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ نيو جرسي رياست سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن ڪانگريس ۾ ٽام ڪين سان ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن کان علاوه علائقائي سلامتي کي هٿي ??يڻ، واپار ۽ واپاري سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته گڏيل قدر ۽ مفاد ٻنهن ملڪن جي شراڪت داري کي مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. ملاقات ۾ رياست نيوجرسي سان گڏ دواسازي ۽ آءِ ٽي ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني سفير ڪيلفورنيا رياست سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن پارٽي جي اڀرندڙ اڳواڻ ڪيون ڪيلي سان پڻ ملاقات ڪئي. هن ان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ، ٻنهن ملڪن جي گڏيل قدر کي هٿي ??يڻ ۽ خوشحال مستقبل جي تعم??ر تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪيلفورنيا سان واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن کي هٿي ??يڻ ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي آمريڪي ڪانگريس جي ٻن ميمبرن سان ملاقات، ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ