اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قدرتي آفتن ۽ حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي ذميوارن ۽ ڪارڪ??ن کي جديد تربيت جي ضرورت آهي ته جيئن انهن مسئلن کي ڀرپور طريقي سان منهن ڏئي س??هج??. هن اها ڳالهه سرجن جنرل انٽرنيشنل ڪانفرنس جي افتتاح کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ چئي، ڪانفرنس جو اهتمام آرمي ميڊيڪل ڪاليج ۽ سرجن جنرل پاڪستان ڪيو هو، صدر چيو ته ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۽ ني??نل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جهڙن ادارن کي جيتوڻيڪ ??هڙي قسم جي صورتحال سان وڌيڪ واسطو پوندو آهي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي پهرين ذميواري به انهن جي هوندي آهي ان لاءِ ضروري آهي ته ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي تربيت جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا