اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي يو?? پاڪستان جي شاندار پريڊ ??ي انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج دفاع جي هر محاذ تي شيهي جي ديوار بڻيل آهي ۽ پاڪستاني فوج جي موجودگي ۾ ملڪي سالميت تي ڪوبه ڌٻو اچي نٿو سگ??ي، حڪومت پاڪ فوج کي جدي?? جنگي هٿيارن سان ليس ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني فوج جي وڏي کاڌي ۽ هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جي سلسلي ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي ا??ليٰ آفيسرن ۽ جوانن جو وڏو تعداد به موجود هو. صدر هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي يو?? پاڪستان جي شاندار پريڊ ??ي انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي پريڊ پاڪستاني فوج جي مثالي نظم ۽ ضبط ۽ ان جي بهترين دفاعي صلاحيتن جو ناقابل ترديد ثبوت آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج