اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يو?? عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته يو?? عاشوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان اسان کي زندگي ??ي هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول صه جي ڏوهٽي جي جدوجهد جي انهن رخن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رستي جو تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آس??ني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق شرف?? انساني، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي عظيم مقصدن ۾ آ??ي جنهن کي مذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ڪربلا واقعو اسانکي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ خاطري ايثار، قرباني، صبر ۽ استقامت جو درس ڏي ٿو: سينيٽ چيئرمين جو پيغام
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس