اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست وانگر جنهن به قوم معاشري جي ??مزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي بالادستي جو اصول اختيار ڪيو ان قوم ترقي ڪئي، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اسان انهي ماڊل تي عمل ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام ان سلسلي جي ??ڙي آهي، ورلڊ بئنڪ موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر طبقي کي فوري ۽ شفاف انداز ۾ مدد ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. هو احساس بچت بئنڪ اڪائونٽ پروگرام جي آغاز تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر به خطاب ڪيو، وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته هو ورلڊ بئنڪ پاران احساس پروگرام کي سيفٽي نيٽ جو ڪووڊ جي دوران دنيا جو چوٿون بهترين پروگرام قرار ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر، احساس جي ٽيم کي خراج تح??ين پيش ڪريون ٿا.
مديني جي رياست وانگر جنهن به قوم ڪمزور طبقي جي ذميداري کنئي ان ترقي ڪئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil