دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اڪنامڪ ويزن ??حت اسان سي پيڪ کي وچ ا??شيائي رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ا??شيائي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار ش??يف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي ??حت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار ش??يف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ا??شيائي رياستن ان منصوبي ??حت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عملدارن سان ايگ??يم??نٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.
سي پيڪ کي وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش