اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ????ت ملڪي معدنيات جي ??خي??ن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪ??ت عملي ٺاهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معدني ترقياتي پروگرام تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، اسد عمر، لاڳاپيل شعبي جي وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي معدني ترقياتي پروگرام جي نقطن ۽ تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شعبي کي درپيش مسئلن جي نشاندهي سان گڏوگڏ قانوني ۽ انتظامي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي ف??وغ سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي پڻ نظر ۾ رکي پروگرام جوڙيو پيو وڃي. اجلاس کي ملڪي معدنيات جي ??خي??ن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پهاڙي لوڻ، چوني جو پٿر، چيني مٽيءَ، سليڪا واريءَ ۽ ڪيترين ئي ٻين صنعتي معدنيات جا ??خي??ا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڪرومائٽ، تانبي، سون، چاندي، لوهه، ليڊ ۽ زنڪ جا ڌاتي ??خي??ا پڻ موجود آهن. سنگ مرمر، گرينائٽ ۽ واريءَ جي پٿر جي پڻ وسيع زخيرن جي موجودگي کان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پکراج، زمرد، روبي، ٽورمالين (ترمري) ۽ ايڪواميرائن (نيلگون بلور) جهڙا قيمتي پٿر ۽ ڪوئلي جا ??خي??ا پن وڏي مقدار ۾ موجود آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چنيوٽ ۽ ڪالاباغ ۾ لوهه جي ??خي??ن تي سيڙپڪاري جي لاءِ حڪ??ت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي چئين صوبن کانسواءِ ??لگ?? بلتستان ۾ پڻ موجود ممڪن ??خي??ن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته شعبي جي ترقي لاءِ تحقيق جي ف??وغ لاءِ قدم پڻ پروگرام ۾ شامل هوندا. وزيراعظم پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ ان مان فائدو کڻڻ حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
حڪومت ملڪي معدنيات جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ