اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري جي ??شتن ۾ ڳنڍيل آهن، عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مصر جي ??فير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ڊرامي، فلم، علائقا??ي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊرامن جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿي?? ۽ افغانستان جي ??ورتحال ۽ وزيراعظم عمران خان جي چين جي ??وري جي ??والي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، افغانستان ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ٿو ڇ??ي سگهجي. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي ??وري دوران افغانستان جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مصر جي ??فير چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج