اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ع??لمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪست??ن جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو اس??ن جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ٿي آهي، ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چيو ته هندست??ن جي حرڪت افسوسناڪ آهي، عالمي برادري کي ان حرڪت جو نوٽيس وٺ?? گهرجي. هن ان حرڪت سان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آهي ايوي ايشن اٿارٽيز کي ??ن جو نوٽيس وٺ?? گهرجي. سعودي ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪست??ن جون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻ??ي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻ??ي سگهيا ٿي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪن جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ع??لمي برادري ??ن جو نوٽيس وٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندست??ن جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته اس??ن جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دفاع اسان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪنداسين. اڀينندن جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هندست??ن جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آهي، هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته اسان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگر??ي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريعي عالمي برادري جي سامهون رکيا، اسان ڀارت جو اصلي چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اس??ن جارحيت جا حامي نه آهيون، اسان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندست??ن جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آهي، سامونڊي ۽ دفاعي حدن جون خلاف ورزيون سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪست??ن جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع اس??ن جو حق آهي ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آهي.
عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو