لاهور – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ڪنهن به معاشري جي تباهي جو سبب هوندو ??هي، حڪومت ڪرپشن جي خاتمي جي لا??ِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، قومون تڏهن ئي ترقي ڪنديون آهن جڏهن انهن جا ادارا غيرجانبدار ٿي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ٿا، سسٽم جي بهتري جي لا??ِ هر شخص کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بطور سول سرونٽس توهان جا دروازا عوام جي لا??ِ سدائين کليل هجڻ گهرجن ته جيئن انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، عدم برداشت جي ڪلچر کي ختم ڪري معاف ڪرڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو، حڪومت عورتن کي حق ڏيڻ جي لا??ِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سول سروسز اڪيڊمي والٽن ۾ 49 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر 49 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام ۾ پاس ٿيندڙ آفيسرن کي مخاطب ڪندي چيو ته آئون پاس آئوٽ ٿيندڙ سمورن آفيسرز خاص طور ت?? انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن توهان جي تربيت ڪئي ۽ توهان ک?? ان قابل بڻايو جو اڄ توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا آهيو، تعليم جي حقيقت پنهنجي جڳهه تي مڃيل آهي جيڪا ڪاميابي جي سيڙهي چڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي پر تعليم سان گڏ توهان کي حقيقي تربيت پنهنجي گهر کان ۽ انهي جڳهه تان ملي آهي، زندگي جي هر دور ۾ ماڻهو سکي ٿو ۽ سدائين سکڻ جي خواهش رهڻ گهرجي. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته توهان جو اصل امتحان عملي زندگي ۾ شروع ٿيندو ??تي توهان کي ثابت قدم رهي پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان پوري ايمانداري سان ادا ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته عوام کي سياستدانن مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل هونديون آهن ڇو ته اه?? انهن کي چونڊين ٿا پر جيڪي پاليسيون حڪومتي نم??ئن??ا جوڙين ٿا انهن پاليسين تي عملدرآمد جي ذميواري توهان ماڻهن تي هوندي آهي.
حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ڪنهن به معاشري جي تباهي جو سبب هوندو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا