اسلام آباد – 04 – آگ??ٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگ??ٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي، اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالم?? قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. 5 آگ??ٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ قمر زمان ڪائره چيو ته ٽي سال اڳ 5 آگ??ٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. انهن قدمن جو مق??د ڀارت جي اها ڪڌي حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ هو جنهن تحت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊيموگرافي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مق??د کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آهن. اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالم?? قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قدمن تي بضد ۽ بي خوف آهي. ڪشميرين کي بااختيار ڪرڻ ۽ راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت پاران قائم ڪيل حدبندي ڪميشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي من ماني ۽ هٺ ڌرمي جو واضح مثال آهي. 5 آگ??ٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال مسلسل خراب ۽ ناقابل برداشت آهي ۽ تڏهن کان 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن مان رڳو هن سال 130 ماڻهن کي ڀارت?? قابض فوج عدالت کان مٿانهين واقعن ۾ شهيد ڪيو. ڀارت?? قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري نوجوانن کي جعلي ۽ نام نهاد مق??بلن ۽ سرچ آپريشن ۾ شهيد ڪرڻ هڪ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي.
ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي: قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب