ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ام??رات جي قومي هيروز جي ياد ۾ تعمير ڪيل واحته الڪرامته جو دورو ڪيو ۽ ملڪ جي دفاع ۽ تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب ام??رات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملڪ جي دفاع ۽ ان جي تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب ام??رات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي مقام واحته الڪرامته جو دورو ڪيو. وزيرا??ظم جو استقبال ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مارٽرز فيمليز افيئر، آفيس خليفه بن تهنون ڪيو. وزيرا??ظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وزيرا??ظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيرا??ظم واحته الڪرامته جو تفصيلي دورو پڻ ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪا ام??راتي بهادر فوجين جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. وزيرا??ظم يادگار جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا. واحته الڪرامته گڏيل عرب ام??رات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي جيڪو گڏيل عرب ام??رات جي شهيدن جي بهادري ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران گڏيل عرب امارات جي قومي هيروز جي ياد ۾ تعمير ڪيل واحته الڪرامته جو دورو
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس