اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ ريليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار جڏهن ته گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ??زي??اعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس جي شروع ۾ وفاقي ڪابينا ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار واري وفاقي ??زي?? سيد نويد قمر جي ڀيڻويي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ??زي??اعظم ڪابينا کي زلزلي جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پنهنجي ٽيليفونڪ رابطي بابت ٻڌايو جنهن ۾ هن زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن، ترڪيه 2022ع جي تاريخي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ۾ سڀ کان اڳتي ر??يو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، آئون پاڻ سڀاڻي زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ ترڪيه روانو ٿي ر??يو آهيان. ??زي??اعظم چيو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان ايئرفورس جون اڏامون ريسڪيو ٽيمون ۽ امدادي سامان کڻي ترڪيه روانيون ٿي چڪيون آهن. ريسڪيو اهلڪارن کانسواءِ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊڪس پڻ امدادي ٽيمن ۾ شامل آهن جڏهن ته وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري ر??ندي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ترڪه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ هڪ ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سمورن پاڪستانين کي ان فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وڌيڪ اهو ته ??زي??اعظم ڪارو??ار?? ماڻهن ۽ سرنديءَ وارن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ان ريليف فنڊ ۾ عطيا ڏين. وفاقي ڪابينا متفقه طور تي ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار بطور عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت جي گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم ريليف فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. ??زي??اعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان افسوسناڪ قدرتي آفت ۾ ترڪيه ۽ شام جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پاران انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي مقرري جي عمل کي نئين سر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان عمل کي فوري بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت پاران موڪليل ڪريمنل لاز/ قانون فوجداري (ترميمي) بل 2023ع جي حوالي سان هڪ ڪابينا ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا بل جي مسودي جو غور سان جائزو وٺي پنهنجي ر??ورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو ??زي?? راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي ??زي?? سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي ??زي?? سردار اياز صادق ۽ وفاقي ڪابينا ۾ موجود سمورين اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل هوندا.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد لاءِ ريليف فنڊ قائم، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار، گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه زلزلي سٽيلن لاءِ قائم فنڊ ۾ عطيو ڏني ويندي: وفاقي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado