اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن ??نصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائين انهن جي تڪميل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سي??يٽ?? اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو رکيو ويو آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ ڄاڻايل رقم 267 ارب ر??يا جيڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 سيڪڙو آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل رقم 100 ارب ر??يا (11 سيڪڙو) آهي. توانائي جي شعبي ۾ رکيل رقم 89 ارب ر??يا (رکيل رقم جو 9 سيڪڙو)، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ ڄاڻايل رکيل رقم 43 ارب ر??يا آهي. هن چيو ته پا??ست??ن جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ارب ر??يا تجويز ڪيا ويا آهن، جن مان 57 ارب ر??يا ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ، 32.5 ارب ر??يا آزاد ڄمون ڪشمير ۽ 28.5 ارب ر??يا گلگت بل??ست??ن لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن انهن علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.
مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II