اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪش??يري ڀارت جي غيرقانوني ۽ غ??صباڻي ??بضي جي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن، پاڪستان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ انهن جا جائز حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو، اسان کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي پرامن حل جي ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي. ڪش??ير استحصال ڏهاڙي 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ صدر چيو ته 5 اگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جي شروعات ڪئي. انهن ڪاررواين جو مقصد ڪش??يري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن جي پنهنجي ئي سرزمين تان بيدخل ڪرڻ آهي. اهي قدم تڪراري عل??ئق?? تي مستقل طور تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جي خاص ڪش??يري ڪردار کي مٽائڻ جي لاءِ کنيا ويا هئا. هن چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ۽ ڪش??ير ان جي سرزمين جو هڪ غيرتڪراري حصو آهي. جڏهن ته اهو ڀارت ئي هو جيڪو ڄمون ۽ ڪش??ير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ??يو ۽ اتي ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. رياست جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪش??يري عوام جي نه ٽٽڻ جهڙي عزم ۽ حوصلي جي ڪري اهي دهشت زده ڪرڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيا آهن. ڀارت جا سمورا ظالماڻا حربا ڪش??يرين جي آزادي جي تڙپ ??ي نه ٿا وسائي سگهن. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف حربن ۽ سازشن سان ڪش??يري عوام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري رهيو آهي. جڏهن ته 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير کي هڪ کليل جيل ۾ بدلايو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت جو ڪش??يري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. سفارتي ٻهروپيو يا ڀارتي رياستي دهشتگردي ان حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. ڀارت ڪش??يري عوام کي انهن جو جائز خودمختياري جو حق ڏئي سلامتي ڪائونسل پاران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.
ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي قبضي جي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena