اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت ??ان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي وال??ري?? ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊز آف ڪش??ير يو ڪي جو چيئرمين ۽ ميمبر پارليامينٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊز آف ڪش??ير يو ڪي جي چيئرپرسن ناز شاهه ۽ ڪش??ير بابت آل پارٽي پارلياماني گروپ (اي پي پي جي) جو وائيس چيئرمين سام ٽيري شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير مظلوم ڪش??يري عوام جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي ساراهيو. هن وفد تي زور ڏنو ته اهي ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي وال??ري?? ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون وڌائين. هن وال??ري?? ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي فو??ي ضرورت ??ي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪش??ير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي جي تعلق کي مضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني وال??ري?? ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2