ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سن??ي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يو??يو??سٽي آف آرٽ، ڊزائن ??ينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. يو??يو??سٽي پهچڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ پرفارمنگ آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چانسلر کيس تعميراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت بري??نگ ڏني. وفاقي وزير، يو??يو??سٽيءَ ۾ اي آر ناگوري آرٽ گيلري ۾ فائن ??رٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران رکيل نمائش جو معائنو ڪيو. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن کان بيحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، وفاقي وزير کي يو??يو??سٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. مدد علي سنڌي معياري تعليم ۽ يو??يو??سٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چانسلر پاران وفاقي وزير کي سووينئر، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير سان گڏ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز ??لله چانڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاران سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جو دورو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا