اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پر??يهي وزير جليل عباس جيلاني غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته اها ڳالهه واضح آه?? ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي انساني قانونن جي خلاف ??رزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته نگران پر??يهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پر??يهي وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ??نهن ۾ مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پر??يهي وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
اسرائيل جو غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha