ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري نگ??ان وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگ??ان حڪومت ا?? شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري نگ??ان وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ مالي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگ??ان وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تعليم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگ??ان وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ڪو??لٽ?? جي مسئلن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فو??س جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪندس، نگ??ان حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگ??ان وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مسئلن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪو??لٽ?? ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي تعليمي ادارن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.
بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار