اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وف??قي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن، صوبي جا مالي وسيلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد ??ي يونيورسٽي جو درجو ڏي?? جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وف??قي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون، اسان خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي جا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن. نگران وزيراعظم صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي جي سربراهي ناڻي وارو وف??قي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منصوبابندي وارو وف??قي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن وارو وف??قي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم وارو وف??قي سيڪريٽري شامل هوندا. نگران وزيراعظم خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد ??ي يونيورسٽي جو درجو ڏي?? جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گذريل چئن مهينن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وف??قي ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگران وف??قي وزير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وف??قي وزير احمد عرفان اسلم، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي واري نگران صوبائي وزير احمد رسول بنگش، نئين ضم ٿيل ضلعن بابت نگران صوبائي وزير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa