اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا سان واپاري ?? سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا، آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪ??تا?? اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي معيشت ۾ جديد ڪاروباري آئيڊياز آڻڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ??تا?? ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? جا آمريڪا سان ست ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي و??يڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? جي اولين ترجيح پنهنجي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ اقتصادي ?? سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ پاڪ??تا?? انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ان جي منفي اثرن جو سڀ کان و??يڪ شڪار آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? آبپاشي جي جديد طريقن کي اختيار ڪري پنهنجي زرعي شعبي کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا واپار ?? سيڙپڪاري، ??وسمياتي تبديلي، ??ابل تجديد توانائي، زراعت ?? سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته آمريڪا پاڪ??تا?? جي تعليمي شعبي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي لحاظ کان لچڪدار ا??ڪولن جي تعمير جي لاءِ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام مڪمل ڪيو آهي. آمريڪي سفير صدر کي ٻيون ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن