اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪ فضائيه جي لازوال قربانين ۽ پيشي??ار??ڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 7 سيپٽمبر 1965ع جي ڏينهن پاڪ فضائيه جي شاهينن جرئت، بهادري ۽ شجاعت جي ت??ريخ رقم ڪئي. تعداد ۾ گهٽ هئڻ باوجود پاڪ فضائيه جي بهادر جوانن پنهنجي بهادري سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان يوم فضائيه تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ايم ايم عالم هڪ منٽ اندر دشمن جا 5 ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪري دشمن جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، سموري قوم کي پاڪ فضائيه تي فخر آهي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته وطن لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فضائيه جي شهيدن کي سلا?? پيش ڪيون ٿا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب