اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم وڌيڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري، عضون جو عطيو انساني همدرديءَ جو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ضرورتمندن کي زندگي جو هڪ نئون موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڃاڻپ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ سومر ڏينهن سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ??يو ??ڃي، اڄ جي ڏينهن اسان معاشري ۾ سڃاڻپ جي اهميت اجاگر ڪريون ٿا، سڃاڻپ جو تعلق رڳو سڃاڻپ سان نه آهي پر اهو هڪ هم جهتي اصطلاح آهي، جنهن سان معاشري جي هر ماڻهو کي ق??مي فيصلن ۾ پنهنجي نمائندگي ۽ ضروري خدمتن تائين پهچ ملي ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن مون کي هڪ اهم ق??مي قدم جي شروعات جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، جنهن جو مقصد عضون جي عطيي کي فروغ ڏيڻ آهي. ان قدم تحت جيڪو به ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي عضوا عطيو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائيندو ان جي ق??مي سڃاڻپ ڪارڊ تي هڪ مخصوص لوگو پرنٽ ڪيو ??يندو، جيڪو انساني زندگي بچائڻ جي حوالي سان ان ماڻهو جي عزم جو اعتراف هوندو. هن چيو ته عضون جو عطيو انساني همدرديءَ جو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ضرورتمندن کي زندگي جو هڪ نئون موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. آئون سمورن شهرين کي ان قدم ۾ حصو وٺڻ ۽ زندگي بچائيندڙ ڪميونٽي جو حصو بڻجڻ جي ترغيب ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته سڃاڻپ جي ق??مي ڏينهن جي جذبي کي نظر ۾ رکندي آئون سمورن پاڪستانين کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي هڪ وڌيڪ جامع معاشري جي تعمير جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪن، جتي هر ماڻهو جي حقن کي ورهايو ??ڃي ۽ انهن جو احترام ڪيو ??ڃي. آئون شهر??ن، سول سوسائٽي ۽ حڪومتي ادارن کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي سڃاڻپ بابت آگاهي ۽ تعليم جي ڪلچر کي فروغ ڏ??ن، ان ڪوشش ۾ اسان کي ٽيڪنالاجي جي اهم ڪردار کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. موجوده ق??مي رجسٽريشن ۽ بايوميٽرڪ نظام جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ خدمتن تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۽ سڃاڻپ جي تصديق جي درستگي جي لاءِ جديد ڊيجيٽل حل جو انضمام هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت انهن پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪي اسان جي شهرين جي وچ ۾ اعتماد کي فروغ ڏين ۽ شهري فرضن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي حوصلا افزائي ڪري ان مقصد جي لاءِ شفافيت ۽ جوابدهي انتهائي اهم آهي. انهن ئي پاليسين جي لاڳو ڪرڻ سان جمهوري نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
پاڪستاني قوم وڌيڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil