نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فلسطين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي غزه ۾ فوري طور تي ا??ساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين ۽ لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ا??راني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، ايران سان رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو. فلسطين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم غزه ۾ فوري طور تي ا??ساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فلسطين لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ