اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن جن کي ڪتب آڻي ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا کي به هٿي ڏئي سگهجي ٿي، ??ياحت نه رڳو معيشت کي هٿي وٺرائي ٿي پر مختلف ثقافتن وچ ۾ هم آهنگي ۽ سهڪار کي به مضبوطي ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. پاڪستان جو تاريخي، ??قافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي ملڪ جي سياحن لا??ِ گهري دلچسپيءَ جو سبب آهي، ??ياحت جي ترقي سان نه صرف معيشت مستحڪم ٿيندي پر پاڪستان جي عالمي سطح تي مثبت سُڃاڻپ اجاگر ٿيندي، ??قافتي مٽاسٽا کي هٿي ملندي ۽ هڪ بهتر ۽ پُرامن مستقبل لاءِ راهون هموار ٿينديون. اسپيڪر اهڙن خيالن جو اظهار سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي حوالي سان هڪ مُک حيثيت رکندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن جي مڃيندڙن کي پاڪستان ۾ سندن تاريخي ۽ مذهبي ماڳن تي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته مختلف مذهبن جي زائرين لاءِ ويزا جي خدمتن کي آسان بڻايو پيو وڃي ۽ ان جي سفر کي آسان ۽ خوشگوار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي مذهبي هم آهنگي ۽ بين المذاهب احترام لاءِ اسان جي وابستگي جو مظهر آهن. هن وادي ڪيلاش جي منفرد ثقافت ۽ گنڌارا تهذيب جي ورثي جو ذڪر به ڪيو جيڪو سڄي دنيا جي سياحن کي پنهنجي طرف مائل ڪري ٿو. اسپيڪر چيو ته حڪومت سياحت ذريعي بين المذاهب هم آهنگي، ??ماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي جي تح??ظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر پاڪستان جي وڻندڙ قدرتي منظرن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جا اُتريان علائقا، حسين واديون، برف سان ڍڪيل پهاڙ، گليشيئرز، صاف پاڻي جا ذخيرا، وسيع ريگستان ۽ خوبصورت سامونڊي پٽي سياحن لاءِ جنت کان گهٽ ناهي. اسپيڪر، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي سياحت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر سياحت کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ان سان روزگار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي ۽ مقامي ماڻهن جي پائيدار ترقي ممڪن ٿيندي، پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي هٿي ملندي ۽ ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو.
پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن لاءِ وڏي دلچسپيءَ جو سبب آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena