اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عالمي ق??نو??ن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلام??ي جي صورتحال تي ڳڻ??ي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته لبنان جي خلاف جاري فوجي جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي ق??نو??ن جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ان خطرناڪ اضافي اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيلي قابض فوج غزه ۾ اٽڪل هڪ سال کان منظم نسل ڪشيءَ جي مهم ۾ ملوث ۽ عالمي قانساني ق??نو?? جي سنگين خلاف ورزين ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي اسرائيل 88 فلسطينين جي ڳڙيل سڙيل لاشن جو هڪ ڪنٽينر غزه موڪليو جنهن ۾ متاثرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي موت جي وقت ۽ سبب بابت ڪا معلومات نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته اهو ناقابل معافي وحشياڻو فعل عالمي انساني ق??نو?? جي خلاف ورزي آهي، مرندڙن جا نالا ۽ جنس لڪائي اسرائيلي قابض فوج متاثرين کي انهن جي تڪريم کان محروم ڪيو ۽ انهن جي گهرڀاتين جي مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته خاندان کي پنهنجي پيارن کي ع??ت سان دفن ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو مقتولين جي سڃاڻپ ظاهر ڪري ۽ انهن جي پونئيرن کي ميتن جي باوقار واپسي کي يقيني بڻائي هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي ان جي ع??لمي دهشتگردي جي ڪاررواين، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن ??ي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.
پاڪستان پاران اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي ۽ عالمي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : números dupla sena