اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طاهره اورنگزيب چين پاڪستان دوستي کي عا??مي سهڪار جي هڪ روشن مثال قرار ڏيندي شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن پاران پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ تي دل جي گهرائين ??ان ٿورو مڃيو، جنهن ??ان اقتصادي ترقي، استحڪام ۽ علائقائي ترقي کي هٿي ملندي. سرڪاري ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چين پاڪستان دوستي جي تعريف ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لازوال دوستي کي اجاگر ڪيو. جيڪا ڪيترن ئي سالن جي سهڪار ۽ گڏيل افهام تفهيم ذريعي وڌيا آهن. هن چيو ته اهو مثالي تعلق ٻين ملڪن لاءِ هڪ نمونو آهي جيڪو پرامن گڏيل بقا ۽ گڏيل سهڪار ??ان اڳڀرائي جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت رياست جي سربراهن جي ڪائونسل ۽ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل ميمبر ملڪن ??ان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن شعبن ۾ پنهنجي سهڪار کي وڌايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن پي ٽي آءِ تي زور ڀريو ته پاڪستان جي هاڪاري عا??مي سڃاڻپ کي هٿي ڏيڻ ۾ اي?? سي او سربراهي اجلاس جي اهميت کي تسليم ڪري. هن اهڙن مظاهرن بدران اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو، اهڙي وقت ۾ جڏهن عا??مي سهڪار ضروري آهي.
ايس سي او ملڪن پاران پاڪستان مٿان اعتماد ڪرڻ تي شڪرگذار آهيون: سينيٽر طاهره اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام