رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف سعودي عرب جي گادي وا??ي شهر رياض ۾ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽنام جي وزيراعظم فام من چن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ويتنام ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ويٽنام جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراع??م محمد شهباز شريف آسيان تنظيم ۾ پاڪستان جي مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي ڪوششن جي حوالي سان ويٽنام کي تعاون جي درخواست ڪئي. وزيراع??م محمد شهباز شريف ويٽنام جي وزيراعظم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ?? دفاع وا??و وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وا??و وفاقي وزير محمد اورنگزيب?? نجڪاري وا??و وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وا??و وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وا??و وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ?? نشريات وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويٽنام جي وزيراعظم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر