اسلام آباد -19 آ??ٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلع پشين ۽ زوب ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز ??ي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان جي دش??نن جا ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙڻ وارا عزم مٽيءَ ۾ ملائڻ واري مشن ?? پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 5 فتنه خوارج جي گرفتاري، 2 کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو ضبط ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪندي چيو ته مون سميت پوري قوم وطن عزيز کي فتنه الخوارج کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات سرگرم پاڪ فوج ??ي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج