باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي موسم??ات?? تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته هندوڪش هماليه خطي کي درپيش چئلينجز پاڪستان، نيپال، ڀوٽان، ڀارت ۽ بنگلاديش سميت سمورن علائقائي ملڪن جي قومي سرحدن جي پار بنيادي ڍانچي، معيشتن ۽ ماحول??ات?? نظام کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن باڪو ۾ هندوڪش هماليه ريجن جي ملڪن جي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هندوڪش هماليه خطو جنهن کي اڪثر ”واٽر ٽاور آف ايشيا“ چيو وڃي ٿو، 1.3 ارب کان وڌيڪ ماڻهن جو گهر آهي جيڪو اٽڪل چوٿون حصو آبادي جي روزگار، پاڻي ۽ ح??ات??ات?? جيوت جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. وزيراعظم جي موسم??ات?? معاون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هندوڪش هماليه خطي جا جابلو حصا قدرتي آ??تن بشمول ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سان وڏي پئماني تي سماجي ۽ اقتصادي نقصانن کان متاثر ٿين ٿا، هن خطي تازن سالن ۾ خطرناڪ تبديليون ڏٺيون آهن خاص طور تي ان جي گليشيئرز ۾ پاڻي جي دٻاءُ ۾ اضافي، زراعت، توانائي ۽ ح??ات??ات?? جيوت جي سلامتي ??ي خطرو آهي. رومينه خورشيد عالم اٽلي جي هڪ عالمي ريسرچ آ??گنائيزيشن جي هڪ تازي تحقيق جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جيڪو ڪوهه هندوڪش، قراقرم ۽ هماليائي سلسلن ۾ 13000 کان وڌيڪ گليشيئرز جو گهر آهي، انهن تبديلين جي منفي اثرن جو پاڻ تجربو ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ هندوڪش هماليه خطي جي ٻين علائقائي ملڪن ۾ گليشيئرز جي تيزي سان پگهرڻ سان نه رڳو پاڻي جي حفاظت خطري ۾ پئجي وئي آ??ي پر قدرتي آ??تن جهڙن گليشيئل ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ (گلوف) ۽ زميني کاڄ جي خطرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. وزارتي تقريب دوران ڀوٽان، ڀارت ۽ نيپال جي وزيرن پڻ پاڪستاني وزيراعظم جي موسم??ات?? تبديلين بابت معاون رومينه خورشيد عالم جي گڏيل علائقائي ماحول??ات?? خطرن خاص طور تي ??مزور جابلو برادرين، انهن جي روزگار جي ذريعي ۽ ماحول??ات?? نظام کي متاثر ڪندڙ گڏيل ردعمل جي مطالبي جي حمايت ڪئي. هن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وزيرن جا ٿورا مڃيا ته هنن لکين ڪمزور ڪميونٽيز ۽ انفراسٽرڪچر جي زندگين ۽ روزگار جي تحفظ جي خاطر گڏيل ماحولياتي ??ئلينجن ۽ موسم??ات?? خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
هندوڪش هماليه خطي کي درپيش چئلينجز پاڪستان سميت علائقائي ملڪن جي گهڻن شين کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن: رومينه خورشيد عالم
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن