ابوجا _ 18 آڪٽوبر (اي پي پي ) نائجيريا ۾ دستن جي بيماري سبب فوتين جو انگ 378 ٿ?? ويو آهي. پرڏيهي ??يڊيا مطابق ان وبا سبب فوتين ۾ هلندڙ م??ين?? دوران 19 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون . نائجيريا ۾ گذريل جنوري کان شروع ٿيل ان وبا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 14 هزار کان وڌي ويو آهي. نائجيريا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽ??ول اينڊ پريوينشن (اين سي ڊي سي) جي سربراهه جيڊ ادريس گادي واري شهر ابوجا ۾ پريس ??ان??رنس دوران ٻڌايو ته 13 آڪٽوبر تائين ملڪ جي 36 مان 35 رياستن ۾ دستن جي وبا جا 14،237 ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن ۾ فوتين جي شرح 2.7 سيڪڙو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ دستن جي وبائي صورت اختيار ڪرڻ جو سبب ٻوڏ جو نقصان ، صاف پاڻي جي عدم فراهمي خاص طورتي ذڪر جوڳا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل