تھران-25 نومبر (اي پي پي) ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن سان تڪراري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو. پ??ڏي??ي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي گڏيل قومن جي ايٽم?? نگران اداري طرفان ايران خلاف ٺھراءُ ??نظور ٿيڻ جي ڪجھه ڏينھن کانپوءِ گذريل ڏينھن چيو ته ايران، فرانس، ج??مني ۽ برطانيه جا نائب پرڏيھي وزير انهن ڳالھين ۾ حصو وٺندا، جنھن ۾ علائقي جي مسئلن سان گڏو گڏ ايٽمي دستاويزن جو به جائزو ورتو ويندو. ترجمان اھو ناھي ٻڌايو ته ڳالھيون ڪھڙي ھنڌ ٿينديون. ھن چيو ته علائقائي صوتحال بابت ڳالھه ٻولھه ۽ فلسطين، لبنان جي مسئلن ۽ ايٽمي ڳالھين سميت ڪيترين ئي ٻين ڳالھين تي خيالن جي ڏئي وٺ ڪئي ويندي. ھن چيو ته اھا ملاقات ايندڙ جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ايران ھميشه کان ان ڳالھه تي يقين رکي ٿو ته ايٽمي مسئلن کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ ??ھر??ي ۽ ايران ان جي ڪري ئي ڳالھيون بند ناهن ڪيون.
ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن سان تڪراري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ