اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا برطانيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول، ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، احمد نواز سکيرا کي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ، لبرٽي ايئرلائين کي چارٽرڊ اڏامن جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏ??ندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته احمد نواز سکيرا سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري هوندو، لبرٽي ايئرلائين کي لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں