لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ عوامي ڀلائي جي ترقيايت منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پنجاب جي گورنر سان ملاقات ۾ پنجاب جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر وزير??عظ?? کي ڪشمير اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پنجاب جي گورنر وزير??عظ?? کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته تمام جلد متوقع اوورسيز ڪنوينشن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني برادري نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪندي پر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ پڻ گهري دلچسپي رکي ٿي. پنجاب جي گورنر وزيراعطم کي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪندي ڀونگ ۾ جاري مندر جي بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو.
وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria