اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پر??يهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ م??تحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي ل??ءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پر??يهي وزيرن وچ ۾ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ م??تحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي ل??ءِ انتهائي ضروري آهي، ان جي روشني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پر??يهي وزير افغانستان جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي ??وا??ي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
پر??يهي وزير زور ڀريو ته افغانستان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي ل??ءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پر??يهي وزير چيو ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻٽر آهي، پر??يهي وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي افغانستان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پر??يهي وزير پنهنجي چيني هم منصب کي افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پر??يهي وزير چيني پر??يهي وزير کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق ر??ءِ جي حاصلات ل??ءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پر??يهي وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.