اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي ??فغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، افغانستا?? ۾ ??ائيدار امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اٽل?? جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري پاڪستان کي ??مام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ۾ آهي. ملاقات دوران افغانستان جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغانستان ۾ سيڪيورٽ?? جي صورتحال، امن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پناهگيرن ج?? ڪنهن وڏي پئماني ??ي هجرت کي ??وڪڻ جي لاءِ قدم انتهائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ انساني ??حران کي ??وڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ انتهائي اهم ترجيحون آهن. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته اٽلي پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ??ه اجاگر ڪيو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??ڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغانستان مان انخلا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ مختلف شعب?? ۾ ??طرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽل?? جي عزم کي ورجايو. اٽل?? جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي ??ٽل?? جي دور?? جي دعوت ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي اٽل?? جي وزيراعظم ماريو ڊراگي کي پاڪستان جي دور?? جي دعوت پڻ ڏني.
عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر