اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي س??امتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پ??ڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته افغانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي س??ل قائم ڪيو وڃي. قومي س??امتي ڪميٽي جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئ??. و??يراعظم کي علائقائي س??امتي جي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پ??ڪس??ان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بري??نگ ڏني وئي، قومي س??امتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي پ??ڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳاله?? ٻولهه جي حوالي سان عالمي رابطن جي اهميت تي روشني وڌي وئ??. و??يراعظم عمران خان افغانستان مان عالمي انخلا جي ڪوششن ۾ پ??ڪس??ان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پ??ڪس??ان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پ??ڪس??ان تي به شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امداد جي فراهمي ۽ پ??ڪس??ان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو وڃي ته جيئن افغانستان ۾ مختلف ڪوششن کي هم آهگ ڪري سگهجي.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ، عالمي برادري تي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪرڻ تي زور، وزيراعظم پاران افغانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج