اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شاگرد علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، ملڪ ۾ روايتي تعليم سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جو فروغ ضروري آهي، ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان ??قريبن جو انعقاد پاڪستان ??ي هر صوبي ۽ هر اسڪول ۾ هجڻ گه??جي?? ن??جو??ن ڪيرييئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکن، آءِ ٽي مان ن??جو??نن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه سينٽر ۾ تعليم واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني، ايڊيشنل سيڪٽري محي الدين واني، مختلف يونيورسٽين جي وائنس چانسلرز سميت تعليمي ماهر ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي ماتحت اسلام آباد جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ان ??هم تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن تقريب جي انعقاد تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪيو، صدر چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت شاگردن جي ڪونسلنگ لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي، اهڙا پروگرام ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ٿيڻ گه??جن ۽ ان ??و دائرو وڌائڻ گه??جي. ماضي ۾ ڪيريئر ڪونسلنگ نه هئي، ان لاءِ ماضي ۾ ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد ڊاڪٽري جو پيشو اختيار ڪري ورتو ۽ ملڪ ۾ اسپتالن جي کوٽ ۽ روزگار جي موقعن جي عدم م??جو??گي جي ڪري اهي ٻاهرين ملڪ هليا ويا، صدر شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پاڪستان ??و مستقبل آهن، ان لاءِ هو علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، علم جتان کان ??ه ملي ان کي حاصل ڪرڻ گه??جي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻين تائين پيغام پهچائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن اسڪلز وڏي اهميت رکندڙ آهي، سچائي جو دامن نه ڇڏيو وڃي ته دنيا جي هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، صدر چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪيريئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گه??جي?? دنيا کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، اڄ عورتون گه?? ويٺي انٽرنيٽ جي ذريعي لکين روپيا ڪمائي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي سان ن??جو??نن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ٽيڪنالاجي پاڪستان ??ي ن??جو??نن لاءِ به رستا کولي ڇڏيا آهن، پاڪستان کي ن??جو??ن آبادي مان فائدو کڻڻ گه??جي. دنيا کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي سخت ضرورت آهي. صدر شاگردن کي چيو ته هو اخلاقي تربيت تي پنهنجو ڌيان ڏين، استادن جو احترام ڪن ۽ پنهنجي والدين جا ٿورائتا رهن جنهن کين پاليو ۽ انهن جي تربيت ڪئي آهي. هن چيو ته شاگردن کي معاشري ۾ همدردي جو جذبو به رکڻ گه??جي?? صدر چيو ته پاڪستان ??نهن انداز سان ??رقي ڪري رهيو آهي ان ??ي نتيجي ۾ هو جلد هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجندو، اسان ??ڀني جي ذميداري آهي ته تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، ن??جو??ن نسل ملڪ کي ترقي ڪندو ڏسندو. هن چيو ته فيڪ نيوز سان ??ڀ کان وڌيڪ خطرو ن??جو??نن کي آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني پنهنجي خطاب ۾ تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته تعليم سميت ملڪ جي هر شعبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ٿي آهي، دنيا وڏي تيزي سان ??بديل ٿي رهي آهي، شاگردن جي ڪيريئر ڪونسلنگ جي لاءِ 70 کان وڌيڪ ادارن ايڪسپو ۾ اسٽال لڳايا آهن، هن چيو ته شاگردن کي فيصلاسازي ڪندي احتياط ڪرڻو پوندو.
شاگرد علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج