اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪم??نر ڊ??ڪٽ?? ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران ??اري بيان موجب برطانوي هاءِ ڪم??نر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي حڪومت پاران ??ندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي مبارڪباد واري ٽوئيٽ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??رطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي وڏي پئماني تي مختلف معاملن ۾ تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم بهتر واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ اٽڪل 1.6 ملين سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادا ڪيل پل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي قانوني لڏپلاڻ جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ان ??والي سان موجود صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان ??ستعمال ۾ آڻي سگهجي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تعيلم، صحت ۽ ٻين سماجي شعبن جي فروغ لاءِ برطانيا جي قدمن کي پڻ ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪم??نر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا