ڪراچي – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه تازي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مصيبتن کان چڱ?? ريت آگاهه آهي ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. جاري بيان موجب پاڪ فضائيه بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ??رپ??ر طريقي سان امدادي ڪارروايون ۽ ريسڪيو جي عمل ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪر?? رياستي ادارن کي وڌيڪ فعال ڪري رهي آهي، فضائيه فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس به قائم ڪيا ويون آهن جتي ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف 24 ڪلاڪ ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتون ۽ مفت دو??ئون فراهم ڪري رهيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته امدادي ڪاررواين دو??ان پاڪ فضائيه جي ايمرجنس?? ريسپانس ٽيمن تيار کاڌو، خشڪ راشن ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان اٺال، لاکڙا، مٽياري، شهدادڪوٽ، صبحتپور، قلعه عبدالله، فاضل پور، جهل مگسي، حاجي پور، بستي شهر محمد ۽ بستي جاگير گبول جي ضرورتمند خاندانن ۾ 15 هزار 719 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 507 پاڻي جون بوتلون ۽ 3 هزار 415 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا، پاڪ فضائيه جي ايمرجنس?? ريسپانس ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ مصروف آهي، فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 2 هزار 416 مريضن جو طبي معائنو ??ه ڪيو، پاڪ فضائيه جو چوڻ آهي ته هو قدرتي آفتن دو??ان انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪر?? ۾ ??دائين اڳيان اڳيان رهي آهي.
ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مصيبتن کان چڱي ريت آگاهه آهيون، انهن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون: پاڪ فضائيه
مضمون کا ماخذ : رومن دولت