منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو ا??تتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منگلا بجيل گهر جي ريفربشمنٽ جي منصوبي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 ميگاواٽ مان وڌ?? 1310 ميگاواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 بلين يونٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو ا??تتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 ملين ڊالر جي لاڳت سان جاري ان منصوبي ۾ يو ا??س ايڊ پاران 150 ملين ڊالر جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو ا?? ايف ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 ملين ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ا??س مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.
وزيراعظم پاران منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا