اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پا??ستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارتي عملدارن پنهنجي غيرقانوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي قبضي هيٺ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ زمين کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. هن سرينگر جي علائقي راج باغ ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس جي عمارت تي ڀارتي قابض عملدارن پاران تازي حملي جي مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو ??عل ۽ والاريل علائقي ۾ سياسي آزادي تي هڪ ٻي?? حم??و قرار ڏنو. ترجمان ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير مان ڪشميري مسلمانن جي بي دخلي بابت چيو ته ڀارت جي ڪجهه رياستن ۾ بلڊورز جو استعمال مسلمانن جي جاين کي مسمار ڪرڻ جو عمل ان کي دهشت زده ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي ته زلزلي کان متاثر ترڪيه مان 23 پا??ستاني شهرين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هيستائين ڪنهن به پا??ستاني جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي آئي. هن چيو ته انهن مان 16 ماڻهن کي پا??ستان واپس آندو ويندو جڏهن ته باقي کي ترڪيءَ جي شهر استنبول منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته هيستائين اسان وٽ ترڪيءَ يا شام ۾ ڪنهن به پا??ستاني جي مارجڻ جي ڪا به خبر نه آهي. هن ٻڌايو ته پا??ستانين کي گازيانٽيپ يونيورسٽي مان ڪڍي اڊيانه شهر رکيو ويو آهي. تباهه ٿيندڙ شهر جيڪو زلزلي جي مرڪز کان اٽڪل 33 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۾ زلزلي دوران وڏ?? جاني نقصان کانسواءِ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ شام ۾ ملڪي مشنز زلزلي کان متاثر پا??ستانين کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رهندي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa