اسل??م آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دبئي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تع??يت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته دبئي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سان ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ بابت ڄاڻي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هو ان سانحي جي سوڳوار خاندانن سان دلي تع??يت جو اظهار ڪري ٿو. هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني مشن کي متاثر خاندانن جي مد?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : راکی