اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بل??چ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اردن جي دوري کانپوءِ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت تي 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. اهو پرڏيهي و??ير جو عراق جو پهريون دورو هوندو، دوري دوران پرڏيهي و??ير عراقي قيادت سان ملاقات ڪندو. عراقي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳوليندا. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني زائرين جي سهولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي سينٽر جي قيام جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي و??ير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي ??عب??، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری