??نڊ?? – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ست??نين تي زور ڏنو آهي ته اهي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناليواري برطانوي پا??ست??ني واپارين جي وفد پا??ست??ن هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نگران حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ مثبت معاشي اشارن کي اجاگر ڪيو جن ۾ پا??ست??ني رپيو مستحڪم ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ متوقع اقتصادي ترقي کي مضبوط ڪرڻ پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته درآمدي پابندين جي خاتمي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتمادل بحال ڪرڻ جي ڪوششن سان ٻاهرئين کاتن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اميد هئي. نگران وزيراعظم پا??ست??ن جي سيڙپڪار دوست سوچ، مراعتن ۽ ڪاروبار ۾ آس??ني ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ون ونڊو پليٽ فارم جي ذريعي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) متعارف ڪرائي جنهن جي صدارت هو پاڻ ڪري ٿو، انهن قدمن جو مقصد ڪاروبار ڪرڻ ۾ آس??ني کي وڌائڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو روڊ ميپ ٺاهڻ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ حڪومت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ست??نين تي زور ڏنو ته اهي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ واپارين کي پا??ست??ن جي معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. برطانوي پا??ست??ني ڪاروباري اڳواڻن نگران وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن تائين پهچ تي کيس ساراهيو ۽ ملڪ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ سرگرمي سان ڪوشش ڪندي پا??ست??ن ۾ پنهنجي ڪاروباري آپريشنز کي وڌائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران ڪيل سڌارا ڊگهي مدي تائين جاري رهندا ۽ انهن نگران وزيراعظم کي پا??ست??ن کي ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس