اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فل??طينين جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو حامي آهي، اسرائيل جي تازي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ جارحيت جي نتيجي ۾ اٽڪل 15500 فل??طيني شهيد ٿي چڪا آهن، فل??طين ۾ شهيدن ۾ وڏو انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي، 37 ه??ار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. فل??طيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏينهن جي موقعي تي پنهن??ي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن فل??طيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، پاڪستان فل??طيني عوام جي جائز جدوجهد جي سدا??ين حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا?? پاڪستان جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، خودمختياري ۽ جاگرافيائي طور تي لڳولڳ فل??طيني رياست جي حمايت ڪري ٿو.
پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطينين جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو حامي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش